ظفر حسن

ظفر حسن

ظفر حسن

ظفر حسن: ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار، ايڊيٽر ظفر حسن شاهه ولد سيد نظر علي شاهه جو جنم 14 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد شهر ڀرسان واڻڪي وسي ۾ ٿيو. سندس والد سيد نظر علي شاهه پنهنجي ڳوٺ جو پهريون پڙهيل ڳڙهيل شخص هو. ظفر حسن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“ ۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، مئٽرڪ 1954ع، انٽر آرٽس 1957ع ۾ ايم. اي 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان 1997ع ۾ رٽائر ڪيائين. وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو. ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ 1955ع ۾ شايع ٿي، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. ظفر حسن جي ڪهاڻي ’رهيل قرض‘1966ع ۾ ’سهڻي‘ رسالي ۾ ڇپي. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد به لکي. سندس چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع ۾ ’رهيلقرض‘ جي نالي شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس 10 ڪهاڻيون شامل آهن.ظفر حسن ڪهاڻيڪار ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. هن 1970ع ڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو. ظفر حسن پريس ۽ پبلشنگ پريس قائم ڪئي، جنهن جي پليٽ فارم تان طارق عالم جو مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنيٰ ۾ متعارف ڪرايو. پاڻ روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. اهڙا ڪيترا ئي نوٽ بُڪ لکيل اٿس، جنهن جو پهريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو ولي رام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو. مٿين ڪتابن/ ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.ظفر حسن 1998ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ظفر حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.14  عيسوي

ظفر حسن شاهه ولد سيد نظر علي شاهه جو جنم 14 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد شهر ڀرسان واڻڪي وسي ۾ ٿيو. ظفر حسن 1998ع ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس سيتا پوري
پوسٽنس ٿامس
سدورو مل ايم راجپوت
سليم ميمڻ پروفيسر
غلام حسين مشتاق سچاروي
ضراب حيدر
شان الحق حقي
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
اي جي اتم
پروين موسيٰ ميمڻ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون